خالد سنڌي :ناليواري اديب ۽ سياسي اڳواڻ خالد سنڌيءَ جو پورو نالو خالد حسين ولد جان محمد ٻگهيو هو ،هن جو جنم 2 جون 1942ع تي ڪوٽڙي ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو .خالد سنڌيءَ ،پرائمري تعليم ماڻڪ ڀٽي پرائمري اسڪول ڦليلي پار ،حيدرآباد مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول مان ڪئي .هن بي .اي( آرٽس )۽ ايم .اي( پوليٽيڪل سائنس )به ڪئي.

خالد سنڌي مسلم ڪمرشل بئنڪ ۾ B-2آفيسر ۽ آل پاڪستان بئنڪس آفيسرز ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو.

خالد سنڌي پنهنجي ذاتي پريس قائم ڪري ،سنگت پبليڪيشن ،چارڻ ۽ بادل پبليڪيشن قائم ڪئي ،جن پاران ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايائين .’چارڻ ‘رسالو ڪيتري عرصي تائين هلايائين .1960ع جي ڏهاڪي ۾ سياسي ۽ ادبي پليٽ فارم تان جدوجهد جو آغاز ڪندي 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڪجهه اديبن جا ڪتاب ڇپرايائين .هن شاگرديءَ واري زماني ۾ شاگرد هلچل ۽ سياسي سجاڳيءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو .1970ع ڌاري ريڊيو ۽ ٽي .وي لاءِ ڊراما لکيائين ۽ اداڪاري به ڪيائين ،سندس سنڌي ڊرامي ’مري ٿيا نmopه مات ‘ڪافي مقبوليت ماڻي .1969ع ۾ ونيونٽ خلاف بک هڙتال تي ويهندڙن ۾ خالد سنڌي به شامل هو ،جن 72 ڪلاڪن لاءِ بک هڙتال ڪئي هئي.

خالد سنڌي 74-1973ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو .1973ع ۾ سرڪاري خرچ تي ماسڪو ۽ مشرقي جرمنيءَ به ويو .خالد سنڌي سنڌي پورهيت تنظيم جو چيئرمئن پڻ رهيو .سماجي خدمتگار جي حيثيت ۾ هن قاسم آباد( حيدرآباد )جي نوجوانن ۾ وڏي سجاڳي پيدا ڪئي ۽ فلاحي ڪم ڪرڻ سان گڏ مسجد ذوالجلال جي تعمير ڪرائڻ ۾ به سندس اهم ڪردار رهيو .غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي وڏ وزارت واري دور ۾ مٿس سياسي مخالفن قاتلاڻو حملو ڪيو ،جنهن ۾ کيس 11 چاڪو لڳا هئا .1997ع ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ جلد ئي سنڌ نيشنل فرنٽ جو مرڪزي اڳواڻ چونڊيو ۽ آخر تائين ان پارٽيءَ سان ئي وابسته رهيو.

خالد سنڌي باشعور ۽ وچولي ڪلاس جي سياسي تنظيم ڪاريءَ ذريعي سنڌ جي نجات جو حامي هو ۽ ان ۾ سندس اوليت اقتصاديات کي هئي ،جيئن ته هو هڪ بينڪر هو ۽ ناڻي جي اهميت ۽ ان جي آمدنيءَ جي ذريعن کي ڀليءَ ڀت سمجهندو هو ،ان ڪري هميشه چوندو هو ته ’هر هڪسنڌيءَ کي سنڌ جي اقتصادي وسيلن جي مڪمل معلومات هئڻ گهرجي ۽ انهن مالي وسيلن لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي ‘.هن مختلف وقتن تي ٽي رسالا ’چارڻ ‘،’سنگت ‘۽ ’ٻيجل ‘جاري ڪيا ،جيڪي گهڻو وقت هلي نه سگهيا .سندس ڪهاڻين جا ڪتاب ’هر دل اندر ڪربلا ‘۽ ’هوندا سي حيات ‘ڇپيل آهن .ان کانسواءِ ’زندگي درد جو صحرا ‘(ڊائري )،’ڪينجهر تنهنجي ڪنڌيءَ تي ‘(خط )اڻ ڇپيل مسودن جي صورت ۾ سندس اولاد وٽ محفوظ آهن .

خالد سنڌي 23 سيپٽمبر 1999ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي،سندس آخري آرامگاهه گلستان سجاد ،حيدرآباد جي مقام ۾ آهي