رفيق عيساڻي 7 اپريل جنم ڏينهن اسٽيج، فلم، ريڊيو ۽ ٽي وي جي مشھور اداڪار رفيق عيساڻي 7 اپريل 1966 تي دڙو شھر ضلعي سجاول ۾ محمد يوسف ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو، هن پرائمري ۽ مئٽرڪ پنهنجي اباڻي شھر دڙي مان حاصل ڪئي ، انٽر سجاول ڊگري ڪاليج ۽ ايم اي سوشالاجي سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي، رفيق عيساڻي کي ننڍپڻ کان ئي اداڪاري سان دلچسپي هئي، 1987 ۾ هن پنهنجي فني سفر جي شروعات دڙي ۾ ٿيل اسٽيج ڊرامي ( واسينگ جو وير ) کان ڪئي، جنهن ۾ ھن وڏيري جي پٽ رئيس انور خان جو ڪردار ادا ڪيو، جنهن جو هدايتڪار سيد غازي بخاري هو ۽ ڪهاڻيڪار عبدالشڪور درس هو، ان کان پوء رفيق عيساڻي پنهنجي شھر ۾ مسلسل اسٽيج ٿيٽر ڪندو رهيو، جنهن کان پوء 7 اپريل 1993 تي سنڌي ٻوليء جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان منسوب ثقافتي تنظيم ڀٽائي آرٽس ڪائونسل دڙو جو بنياد رکيو ۽ ان پليٽ فارم تان ساٿي اداڪارن گل چوهاڻ، ممتاز سمون، ع ش درس، خالد ڀٽو، اسماعيل سومرو ۽ جاويد سمون سان گڏجي ڪافي سالن تائين اسٽيج ڊراما ڪرڻ کان پوء ڀٽائي آرٽس ڪائونسل جو دائرو وڌائي سڄي سنڌ ۾ اسٽيج ڊراما، ادبي ۽ ثقافتي پروگرام جاري رکيا، رفيق عيساڻي اڻٿڪ محنت ۽ جاکوڙ ذريعي سڄي سنڌ ۾ 1987 کان وٺي هن وقت تائين مختلف ادارن جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس اسلام آباد، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ، سنڌ ٿيٽر فيسٽيول، سنڌي لئينگويج اٿارٽي، ٿر ۽ پارڪر فيسٽيول ، مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي، ايگريڪلچر يونيورسٽي ، سنڌي ڪلاسڪ ڊراما فيسٽيول، شاه لطيف فائونڊيشن، حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول، قاسم آباد بزنس فورم، سنڌ صوفي ميلو , سامي فائونڊيشن ۽ مختلف آرگنائزيشن طرفان ( 700 ) کان مٿي اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري ۽ هدايتڪاري ڪري چڪو آھي، هن جيڪي مشھور اسٽيج ڊراما ڪيا آھن انهن ۾ دادا گوبند مالهيء جو تحرير ڪيل ناٽڪ ( جنهن ڏيئي ۾ تيل ڪونهي ) مرزا قليچ بيگ جو تحرير ڪيل مشھور ناٽڪ ( انڪوائري آفيسر ) محمد عثمان ڏيپلائي جو لکيل ناٽڪ ( سجائي موڙي ) ۽ ( ڏڪار ) شيخ اياز جو تحرير ڪيل منظوم ڊرامو ( دودي سومري جو موت ) شاهنواز ڀٽي جو تحرير ڪيل ڊرامو ( عمر مارئي ) ( مومل راڻو ) ۽ ( ليلا چنيسر ) ضراب حيدر جو لکيل مشھور ناٽڪ ( موکي ۽ متارا ) آغا ظفر جو تحرير ڪيل ناٽڪ ( نوري ڄام تماچي ) ۽ اردو ڊرامو ( خوشحالی کا سفر ) محمد علي پٺاڻ جو تحرير ڪيل اردو ڊرامو ( امن کا سورج ) نثار کوکر جو تحرير ڊرامو ( سمبارا ) سھيل صديقي جو تحرير ڪيل ناٽڪ ( سھڻي ) ۽ ( نياڻي نماڻي ) محمد انور بلوچ جو تحرير ڪيل ناٽڪ ( قسم تنهنجي رت جو ) سترام سانگي جو تحرير ڪيل ناٽڪ ( قانون سڀني لاء ) شڪيل سومرو جو لکيل ڊرامو ( جياپو ) ۽ ( اڌ ايمان ) سميت لاتعداد اسٽيج ڊراما ڪري چڪو آھي، رفيق عيساڻي پي ٽي وي PTV تي آغا رفيق جو تحرير ڪيل اردو ڊراما سيريل ( گھٹن ) ۽ ( لیاری ایکسپریس ) جنهن جو ڊائريڪٽر منظور مگسي هو، ڊاڪٽر محمود مغل جو لکيل ناٽڪ ( روبرو ) جنهن جو هدايتڪار بادل جمالي هو، علي راز شر جو تحرير ڪيل ڊرامو ( نوري) جنهن جو ڊائريڪٽر نواب مھدي ھو، ڪاظم پاشا جو اردو ڊرامو ( ڪٹ پتلی ) علی رضوی جو اردو ڊرامو ( میرے درد کو جان لو ) عبدالحميد هاليپوٽو جي ڊراما سيريل ( گل ڇنو گرنار جو ) ( بند راستے ) ( دل ۽ دنيا ) پي ٽي وي جي ڊرامن کان سواء ڪي ٽي اين KTN تي تمام گهڻيون سيريلز، سولو پلي، لانگ پلي جنهن ۾ گنهگار، فاصلا، دام، آخري ميار، واچوڙو، گونج، زندگي، گهر بي گهر، ڪني آڱر، ستاوڙو، تماشو، سازش، نصيب، اناڙي، حياتي صدائون، ۽ پريت جا پند شامل آھن، ان کان سنڌ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي ۽ مھراڻ ٽي وي تي سوين ڊراما سيريلز ڪري چڪو آھي، ان کانسواء ريڊيو پاڪستان تي آغا سليم جو تحرير ڪيل ڊرامو ( دولھ دريا خان ) احمد شاه ابدالي، اميدن جي دنيا، سر مائي، شڪايت، اردو ڊرامو ( حوصله جواں ) جنهن جا پروڊيوسر طالب حسين مغل ۽ محمد حسين آھن، انکانسوا ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ، جنهن جو رفيق عيساڻي صدر پڻ آھي ان جي پليٽ فارم تان اداڪارن، فنڪارن، قلمڪارن اديبن ۽ شاعرن سان انهن جي زندگي ۾ رهاڻيون رچايون ويون جنهن ۾ سوز هالائي، پروانو ڀٽي، انور سولنگي، محمد حسين قادري، سيد يارمحمد شاه، عنايت بلوچ، نصير مرزا، سيد وقار حسين شاه لطيفي، ديبا ڪنول، تعمير حسين، عاشق ھالائي، الهڏنو خاصخيلي، فوزيه سومرو، درمحمد چانگ، راشد حيدري، پير غلام مجدد سرهندي، اسرارلغاري، سيد عالم شاه بادل راهي، پارو مل پريمي ۽ ٻيا شامل آھن ان کان سواء رفيق عيساڻي جي ڪوشش سان جن فنڪارن جي وفات کان پوء ( ڀيٽا ) ورسيون ملهايون ويون آھن انهن ۾ مائي ڀاڳي، منصور بلوچ، شھباز دراني، مشتاق جسڪاني، جيجي زرينه بلوچ، عبدالغفور الستي، رزاق مهر، حيدرعلي لغاري، اسرار شام، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، شمشير الحيدري، منظور مگسي ۽ الطاف سومرو شامل آھن، رفيق عيساڻي جي اڳواڻي ۾ ڪافي ناليوارن ليکڪن جي ڪتابن جون مهورتون ڪيون آھن جن ۾ غلام حسين رنگريز، عبدالحئي پليجو، ڊاڪٽر غلام مصطفي کهڙو، زاھده تاج ابڙو، نظير احمد ميمڻ، علي پرويز، نثار احمد ناز ۽ منظور سيتائي شامل آھن، ان کانسوا رفيق عيساڻي ڪافي فلمون به ڪيون آھن جنهن ۾ اردو فلم ( مسٽر فرائي ڊي) ( ڪڈ نیپ ) ڪي ٽي اين جي فلم ( ڍولڻ جاني) ٽڪراء، رت جا رشتا، دو نالي، طلاق، شيرو، تقدير، منهنجو پيار پڪاري، دشمني ۽ ٻيون فلمون شامل آھن، ان کانسواء اداڪار رفيق عيساڻي لاتعداد مڃتا ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا آھن، هڪ ئي وقت اسٽيج، فلم، ريڊيو ۽ ٽي وي تي پنهنجون ڀرپور صلاحيتون استعمال ڪري رهيو آھي، سندس خواهش آھي ته شاه لطيف ڀٽائي جون ست سورميون ۽ سورما ناٽڪ ذريعي سنڌي ۽ اردو زبان ۾ پش ڪريان ۽ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ طرفان ڏات ڌڻين کي سندن زندگيء ۾ مڃتا ڏيڻ لاء ڀرپور ڪوششون ڪيان ۽ سندن حقن لاء مسلسل جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪندو رهان. هن وقت رفيق عيساڻي آل پاڪستان آرٽسٽ ايڪويٽي سنڌ جو سيڪريٽري جنرل پڻ آھي ۽ هن تنظيم جي پليٽ فارم تان 24.2.2021 تي اسلام آباد ۾ صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪري آرٽسٽن جي فلاح ۽ بهبود لاء مسئلا پيش ڪيا