اسين ڪِٿي رهون ٿا؟

ڌرتي اسان جو گھر آهي. ڌرتي سمورن ساهوارن جو گھر آهي، ۽ ڌرتي ئي پاڻ وٽ موجود سڀني، هر شيءِ جو گھر آهي. اسان جو سمورو کيڏڻ ڪُڏڻ، ڪار وهنوار، جيءَ جياپو ڌرتيءَ سان ڳنڍيل آهي. اسان جا شهر ۽ ڳوٺ به پنهنجن باغن، ٻَنين، ندين، واهن، وارياسن، جبلن، سمنڊن ۽ واسمنڊن سميت هن ئي ڌرتيءَ تي موجود آهن. ڌرتيءَ جي هڪ ٽُڪري جو نالو سنڌ آهي جنهن تي اسين سنڌي ماڻهو هزارين ورهن کان پنهنجي زندگي گذاريندا اچون. سنڌ اسان جي وڏڙن پاران اسان کي مليل ورثو ۽ اسان جي قومي ڌرتي آهي. سنڌ جي ڀرپاسي، ويجھڙ ۾ ۽ ان کان پَري پري ٻيا به ڪيترائي ڏيهه آهن جيڪي پڻ ڌرتيءَ جو هڪ ڀاڱو آهن ۽ تاريخي طور اتي رهندڙ ماڻهن جو قومي ورثو آهن. اسان جي ڌرتيءَ تي ٻه سَو کان به گھڻا، ڪي ننڍا ۽ ڪي وڏا ڏيهه آهن. سڄي ڌرتيءَ تي لکين شهر ۽ ڳوٺ آهن. ڌرتي سڀني ماڻهن جو هڪ ڏاڍو وڏو ۽ ويڪرو گھر آهي ۽ اسين ان جا ڀاتي ۽ رهاڪو آهيون. هر هڪ شهر ۽ ڳوٺ ۾ ڪيترائي گھر هوندا آهن جن مان هر هڪ ۾ ڪجھ نه ڪجھ گھر-ڀاتي رهن ٿا. اسان جي ڏيهه سنڌ ۾ لکين گھر آهن. انهن سڀني جا سڀ گھر ڀاتي ڳڻبا ته سڄيءَ سنڌ ۾ 4-ڪروڙ سنڌي رهن ٿا. سنڌ ۾ ٻين ڏيهن کان آيل هڪ ڪروڙ کن ٻيا ماڻهو به رهن ٿا. سڄي ڌرتيءَ تي سڀني ديسن جا هڙئي رهاڪو 5-ارب کان به وڌيڪ آهن. اهي سڀ ماڻهو ڌرتيءَ تي ئي رهن ٿا. انهن سڀني ماڻهن جو اَن اناج، ڀاڄِي ڀُتي، گوشت مڇي، ميوو، گُل يعني جُملي کاڌ خوراڪ ڌرتيءَ تي ئي اُپجي، اُڀري، نِسري ۽ وَڌي ويجھي ٿي. گوشت اسان کي جانورن، مڇين ۽ پکين مان ملي ٿو. اسان جي ڌرتيءَ تي لکين قسمن جا جانور رهن ٿا ۽ (ڪجھ کان سواءِ) هر جنس جي ڳڻپ کربن ۾ ٿيندي. انهن مان ڪيترائي سُڪي زمين تي ۽ ڪيترائي پاڻيءَ تي يا پاڻيءَ منجھ رهن ٿا. جن جانورن، مڇين ۽ پکين جو گوشت کائون ٿا، انهن کان سواءِ ٻيا به لکين نمونن، روپن، رنگن ۽ قدبت وارا ڪروڙين جيت جناور، مڇيون ۽ پکي پدمن جي ڳڻپ ۾ رهن ٿا. ڪيترن ئي قسمن جا پتڪڙا جيوڙا پڻ ڪروڙين-پدمن جي ڳڻپ ۾ ٿيندا. اَنُ اناج، ڀاڄيون ۽ ميوا ٻنين، واڙيُن ۽ باغن مان ملن ٿا. اسان جي ڌرتيءَ تي ڪروڙين قسمن جا وڻ ٻوٽا ۽ گاهه اڀرن ٿا جن مان (ڪجھ کان سواءِ) هر هڪ جنس جي ڳڻپ پڻ پدمن ۾ ٿيندي. ماڻهو مِرون، جيت جڻيا، پکي پکڻ، وڻَ ٻوٽا ۽ گاهَه ٻُوڙا سڀ جو سڀ جيئرا آهن، انهن کي ’ساهوارا‘ به سڏجي ٿو، اهي جيوت (حيات، زندگي) رکندڙ آهن. جيوت رکندڙ هر وجود پاڻ منجھان پاڻ جھڙو نئون نسل (اولاد) ڄڻي ٿو ۽ جيوت کي جٽادار رکڻ لاءِ کيس کاڌ خوراڪ جي گھرج رهي ٿي. پتڪڙي ۾ پتڪڙي جيوڙي کان ويندي، وڏي کان وڏي وڻ توڻي جانور تائين، هر “ساهواري” لاءِ هڪ گڏيل نالو جئڏ آهي ۽ جئڏن بابت ڇنڊيل ڇاڻيل ۽ اصولي ڄاڻ کي جياڄاڻ/جياڀياس (بائلاجي، Biology) سڏجي ٿو. لوهُه، سونُ، چاندِي، سُرمو، پٿر، پاڻي، مِٽِي ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ پڻ ڌرتيءَ تي جَجھي مقدار ۾ موجود آهي. انهن ۾ “ساهه” موجود ناهي، اهي اَجِيوُ آهن، اهي نه ته کائن پيئن ۽ وڌن ويجھن ٿا ۽ نه ئي وري پاڻ منجهان پاڻ جهڙو نسل ڄڻِن ٿا. اجيو جنسون به ڪروڙين قسمن جون آهن ۽ ڪجھ کان سواءِ باقي سڀ لکين ٽنن جي مقدار ۾ ڌرتيءَ تي ملن ٿيون. پٿر جو مثال وٺو. پٿر جي هڪ وڏي ڳنڍي کي ڇِپ چئجي ٿو. ڇِپ ڏاڍي وڏي هوندِي ته ٽَڪر سڏبو. ٽَڪرن، ڇِپن، پٿرن، بجرِيءَ وغيره جي ڏاڍي وڏي جَٿي کي ڏُونگر، روهه، جبل يا پهاڙ سڏجي ٿو. سنڌ جي اولهه ۾ جبلن جي هڪ ڊگھي قطار آهي جيڪا ڄڻ ته اڄوڪيءَ سنڌ ۽ هاڻوڪي بلوچستان جي وچ ۾ دنگو (سرحد) آهي. جبلن جي ان قطار کي کيرٿر سڏجي ٿو جنهن سان ويجھو ٻيءَ قطار جو نالو هالار آهي. ڪارونجھر جبل ٿَر ۾ آهي ۽ حيدرآباد جو شهر گنجي ٽڪر تي ٻڌل آهي. سنڌ کان هڪ هزار کن ڪلوميٽر پري، اتر ۾ هماليه، قراقرم ۽ سليمان جبلن جون قطارون آهن، جيڪي ڌرتيءَ تي اُوچي ۾ اُوچيون، ڊگھي ۾ ڊگھيون ۽ ويڪري کان ويڪريون جابلو قطارون آهن ۽ هزارين چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل سندن ايراضي آهي. سڄي ڌرتيءَ تي سڀ کان اُوچي جابلو چوٽيءَ کي ايوِريسٽ سڏيو وڃي ٿو جيڪا هماليه جبلن جو حصو آهي، جڏهن ته ٻيو نمبر اوچي چوٽيءَ کي قراقرم-2 (ڪي-ٽُو، K-2) سڏجي ٿو. جيڪڏهن 19-سَو ماڙ جاءِ ٺاهجي ته ان جي مٿين ڇت انهن چوٽين کان ٿورو هيٺ هوندي. سڄي ڌرتيءَ تي هزارين جابلو جَٿا ۽ سلسلا آهن جن مان ڪيترائي سامونڊي پاڻيءَ هيٺ به آهن. پاڻي هر “ساهوارو” پِيئي، واپرائي ٿو. پاڻي نلڪن وسيلي ڌرتيءَ منجھان ڊُوهي ڪڍبو آهي ۽ کوهه کوٽي به هٿ ڪبو آهي. کَڏُون، کوٻا، کاما، ڍنڍون، ڍورا، نارا، واهه ۽ نديون به پاڻيءَ جا وڏا ذخيرا آهن. ڪڪرن مان وسندڙ مِينهن به پاڻي ئي آهي، پر انهن سڀني کان ججھو پاڻي سمنڊن ۾ آهي. اسان جي ڌرتيءَ تي ڏهاڪين سمنڊ ۽ 4 وڏا-سمنڊ آهن جيڪي سڀ پاڻ ۾ مليل آهن. (هن ڪتاب ۾ وڏي-سمنڊ کي واسمنڊ يا آساگر سڏينداسين. “واسمنڊ” معنى “پري پري تائين پکڙيل سمنڊ” ۽ “آساگر” معنى “چوڌاري سمنڊ” آهي.) آساگر ڪٿي ڪٿي ايڏا ته اونها آهن جو سڀ کان اوچي جابلو چوٽي ان ۾ لاٿي، ٻوڙِي وڃي، ته نه رڳو اها ٻُڏي ويندي پر ان مٿان هڪ-سَو ماڙ جاءِ ٺهيل هجي ته اها به ٻڏي وڃي. اسان جي ڌرتيءَ جا ذري-گھٽ ٽي ڀاڱا پاڻي ۽ ذري-وڌ هڪ ڀاڱو سُڪل (خشڪ) آهي. ڌرتي ڏاڍي وڏي صوف جيان گولو آهي. ان جي بُونڊ وارو پاسو ’اتر‘ سمجھبو، ته ڦُلڙيءَ وارو پاسو ’ڏکڻ‘ ٿيندو. ڌرتيءَ جي اتر ۽ ڏکڻ تي برف ئي برف آهي. اها برف به حقيقت ۾ پاڻي آهي پر اتي جيئن ته ٿڌ تمام گھڻي آهي ان ڪري اهو پاڻي ڄمي برف ٿي پيو آهي، بلڪل ساڳيءَ طرح جيئن ڪنهن ڪارخاني، ريفريجريٽر يا فِرِيزر ۾ برف ٺهندي آهي. سڀني اوچن جبلن تي به (جن جي اوچائي سمنڊ جي سطح کان 13-هزار فوٽ مٿي يا اڃا وڌيڪ آهي) 12 ئي مهينا برف موجود هوندي آهي جيڪا رجڻ کان پوءِ پاڻي ٿِي ندين ۾ وهي ٿي. سڄي ڌرتيءَ جو ڏهون حصو برف سان ڍڪيل آهي. ڳڙو به برف جو هڪ قسم آهي جيڪو ڪڪرن مان وسي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مُٺ جيترو ٿلهو ڳنڍو هوندو آهي. ٿڌن علائقن ۾ اڪثر ڪري، برف مينهن جيان وسندي آهي. اها ڪپهه جي سنهي پُوڻيءَ جيان اڇي، ڪُونئري ۽ هلڪي هوندي آهي ۽ اهو لقاءُ ڏاڍو سهڻو ۽ مَن موهڻو هوندو آهي. ٻن جبلن جي وچ ۾ لهواري ميلاپ واري هنڌ ڄميل برف جو ترو ڪڏهن ڪڏهن سج جي تاءَ سبب رجي پوندو آهي جنهنڪري جبل جيڏي برف جي ڇپ ڪنهن به مهل تِرڪي سگھي ٿي جيڪا پنهنجي سامهون ايندڙ هر جئڏ توڻي وسنديءَ کي چِٿي، پِيهي ناس ڪري سگھندي آهي. برف جي اهڙن “جبلن” کي بارفو (گلئشيئر، Glacier) سڏجي ٿو. ڌرتيءَ تي جبلن جي وچ ۾ هزارين بارفا موجود آهن. گھڻن وڻن جي گھاٽي ۽ ويڪري ميڙ کي ٻيلو يا جھنگ سڏجي ٿو. سنڌ ۾ ڪيترائي ٻيلا آهن، پر وڃن ٿا ڪَپجندا ۽ کُٽندا ــــــــــ ڪامورا ۽ وڏيرا مِلي ڀڳت ڪري ڪاٺ جي چوري ڪرائن ٿا، ۽ ڌاڙيلن کي پڪڙڻ جي بهاني به ٻيلن کي باهه ڏئي ساڙيو پيو وڃي. ٻيلا نه رڳو ڌرتيءَ جي سونهن آهن، پر ڪاٺ مهيا ڪن ٿا، هوا جي گدلاڻ کي گھٽائن ۽ ڌوئن ٿا، منجھانئن مختلف قسمن جا ڪيميائي مرڪب ملن ٿا ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ. لکين قسمن جا ڪروڙن جي ڳڻپ ۾ وڏا وڏا وڻ، ٻوٽا، فصل ۽ انهن جي ڇانوَ ۾ پلجندڙ گاهه موجود آهن جيڪي پدمين پکين، جانورن ۽ جيتن جو اَجھو به آهن، ته “امڙ” به. ڪيترائي ٻيلا سوين چورس ميلن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن ۽ ڌرتيءَ تي هزارين ٻيلا موجود آهن. وارِي ته سڀ ڪنهن ڏٺي آهي. ڀِنل واريءَ جا گھرڙا ٺاهڻ يا ان جا گولا ٺاهي هڪ ٻئي کي هڻڻ ٻارڙن جي وندر ۽ وڻندڙ راند آهي. هر هڪ واهه، نديءَ ۽ سمنڊ ڪناري واريءَ جا ڍڳ نظر ايندا. سنڌو نديءَ تي جڏهن کان تربيلا ڊئم ٺهيو آهي تڏهن کان سنڌ جي ايراضيءَ اندر سنڌوءَ جي پيٽ ۾ رڳو وارِي اڏامندي نظر پئي اچي. ڪالاباغ ڊئم منصوبو ته نه رڳو سنڌو، پر سنڌ کي ئي سُڪائڻ ۽ ڪَلراٺو بنائڻ وارو منصوبو آهي. واريءَ جا پدمين-پدم ننڍڙا ذرڙا سج جي روشنيءَ جو آئيني جيان اولڙو ڪري چِلڪا، چمڪا ڪندا رهندا آهن. واريءَ ڀريل ويڪري ايراضيءَ کي ريگستان (صحرا، وارياسو) سڏجي ٿو. سنڌ جي ڏاکڻي وسيع ريگستان کي ٿر سڏجي ٿو جنهن ۾ واريءَ جا جبل (ڀِٽون) وسڪاري کان پوءِ دنيا جي هڪ ڪامڻي لقاءَ جي ڏِک ڏيندا آهن. سنڌ جو ٿر ۽ ڪَڇ جو رِڻ ته اسان وٽ ڄاتل سڃاتل آهن، پر انهن کان سوين ڀيرا وڌيڪ ويڪرو چِين جو گوبِي رِڻ آهي ۽ ان کان به ويڪرو ۽ دنيا جو سڀ کان ويڪرو رِڻ افريڪا کنڊ ۾ ’صحرا‘ آهي جيڪو هزارين چورس ڪلوميٽر ايراضي رکي ٿو. اسان جي ڌرتيءَ تي سوين ننڍا وڏا رِڻ/ٿر/ريگستان آهن. بَجرِي ڄڻ ته پٿريلي وارِي آهي. ملير، ٻولهاڙِي ۽ جھانگارن جي بجري سنڌ ۾ اَڏجندڙ جاين ۾ عام طرح ڪم اچي ٿي. بجريءَ جا وڏا وڏا جبل لکن جي ڳڻپ ۾ سڄي ڌرتيءَ تي پکڙيل آهن. مِينهوڳيءَ کان پوءِ مِٽيءَ جي سڳنڌ جھڙي دنيا جي ڪا به خوشبوءِ نه آهي. خشڪ زمين ئي نه، سمنڊن جو ترو به مٽيءَ جي ٿُلهي تهه هيٺ ڍڪيل آهي. سنڌ ۾ گھڻا گُهگھڙا (رانديڪا، کيڏوڻا) مٽيءَ مان ٺاهيا وڃن ٿا. ٺڪر جا سمورا ٿانوَ پَڪل مٽي آهن. جاين جي اڏاوت ۾ ڪم ايندڙ سِر پڻ مٽيءَ مان ٺهي ٿي، پر مٽيءَ جو شايد سڀ کان مکيه ڪم فصل کي وڌڻ ويجھڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي. گُهلندڙ طوفان مٽيءَ، واريءَ ۽ بجريءَ جي دَز اڏائي، هِڪڙين شين کي مَهٽي، رهڙي نيون صورتون ڏيو ڇڏين، ته ڪٿي وري ڊِٻ جا ڍير ٺاهيو رکن. پِرهه واري هِير ۾ سَير ڪرڻ سان ساهن ۾ سرهاڻ ڀرجيو وڃي پر آنڌاري اکين جي دِيد ئي وڃايو ڇڏي. جنهن سواريءَ جي ڪلهن تي دنيا جي هر سرهاڻ سواري ڪري هڪَ کان ٻئي هنڌ پهچيو وڃي، ان جو نالو هوا آهي جنهن ۾ (لڳ ڀڳ سمورا) “ساهوارا” ساهه کڻن ۽ جيئنِ ٿا. هوا ڌرتيءَ جي هرڌارِي (سڀني پاسن تي) هڪ ڏاڍي ٿلهي تهه جي صورت ۾ موجود آهي. ڌرتي اسان جو گھر آهي جنهن تي مختلف قسمن جي وَڙن وکرن جو انت شمار ئي ناهي. ڌرتيءَ لاءِ سنڌيءَ ۾ ٻيا به ڪيترائي نالا موجود آهن، جن مان وڌيڪ واهپي ۾ ايندڙ “ڌر”، “ڌرت”، “ڀُو”، “ڀُون”، “ڀُونءِ”، “زمين” ۽ “مٽي” آهن.

  • ڌرتيءَ جي جوڙجڪ/بناوت بابت علم کي ڀُوڄاڻ (ڀُو=ڀونءِ+ڄاڻ)، ڀُوڀياس (ڀون+اڀياس)، ڌرڄاڻ (ڌرتي+ڄاڻ) يا ڌرڀياس (ڌرتي+اڀياس) چئجي ٿو ۽ مروج انگريزي ۾ ان لاءِ اصطلاح آهي جِيالاجِي (Geology).
  • ڌرتيءَ جي مٿاڇري ۽ اتي جي رهاڪن ۽ ماحول بابت علم کي ڀولِکا (ڀو=ڀونءِ+لِکا=لِکَ، لکڻ)، ڌرلکا، ڀوسُڌ (ڀونءِ+سُڌ) يا ڌرسڌ چئجي ٿو ۽ مروج انگريزيءَ ۾ ان لاءِ اصطلاح آهي جاگرافي (Geography).
  • ڌرتيءَ جي مٿاڇري جي ماپ بابت علم کي ڀوماپ (ڀونءِ+ماپ) يا ڌرماپ چئجي ٿو ۽ مروج انگريزيءَ ۾ ان لاءِ اصطلاح آهي جاميٽري (Geometry).

By Shan